سرور ڪيريو

سرور ڪيريو

سرور ڪيريو

سرور ڪيريو: سڪرنڊ جو شاعر غلام سرور ولد غلام محمد ڪيريو 27 اپريل 1970ع تي ڳوٺ ولي محمد ڪيريي، لڳ ستياري، تعلقي سڪرنڊ ۾ جنم ورتو. سندن تعليم بي اي هئي ۽ پرائمري سنڌي اسڪول سڪرنڊ ۾ استاد مقرر هو. 1994 کان ادبي مضمونن لکڻ ۽ شاعريءَ جي شروعات ناليوارن اديبن تاج جويي، ماڻڪ ملاح ۽ لطيف پيرزادي جي صحبت ۾ ڪيائين. شاعريءَ ۾ وايون ۽ غزل وڏي تعداد ۾ لکيائين. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’سجاڳيءَ‘ نالي ڇپيل آهي، جڏهن ته نثري مضمونن، ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جو گڏيل مجموعو اڻ ڇپيل صورت ۾ سندن عزيزن وٽ محفوظ آهي.
سرور ڪيريو سٺو استاد، شاعر، ڪهاڻيڪار، اسٽيج سيڪريٽري رهي چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جو سيڪريٽري به رهيو. سڪرنڊ جي تاريخي ماڳن ۽ شخصيتن تي تحقيقي مضمون به لکيائين. سرور ڪيريو ڦوهه جوانيءَ ۾ دل جي دوري سبب 16 مارچ 2010ع تي وفات ڪري ويو. مرحوم سوڳوارن ۾ والد، امڙ، گهر واري، ٽي پٽ، هڪ نياڻي ڇڏيا آهن. سندس آخري آرامگاهه سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ولي محمد ڪيريي لڳ ستياري سرهاڙي روڊ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي محمود شاهه قبرستان ۾ آهي.


لفظ سرور ڪيريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.04.27  عيسوي

سڪرنڊ جو شاعر غلام سرور ولد غلام محمد ڪيريو 27 اپريل 1970ع تي ڳوٺ ولي محمد ڪيريي، لڳ ستياري، تعلقي سڪرنڊ ۾ جنم ورتو.


2010.03.16  عيسوي

سرور ڪيريو ڦوهه جوانيءَ ۾ دل جي دوري سبب 16 مارچ 2010ع تي وفات ڪري ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خضراڻي ميان بيگ انڍڙ
رفيعه ملاح
پيرزادو رحمت الله
سلطان علي شاهه
منشي ٻالچند
روحل فقير
احمد خان گلزار
دانتي
ٽي ايس ايليٽ شاعر
داتا فيض درياهه شاهه
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون